دشت شهباز

دشت-شهباز (شهر): بلوچستان جي ضلعي پنجگُر، تعلقي گوارگو ۾ ’دشت- شهباز‘ نالي هڪ تاريخي شهر آهي. قلندر لعل شهباز ملتان وڃڻ کان اڳ هڪ ميدان تي چلو ڪاٽيو هو، جيڪو ميدان بعد ۾ قلندر لعل شهباز جي نسبت سان ’دشت- شهباز‘ سڏجڻ لڳو. قلندر لال شهباز مڪران ۾ ڪجهه عرصو قيام ڪيو هو. ان ڪري مڪراني ۽ بلوچستان جا بلوچ گھڻي تعداد ۾ سندس مريد هئا، جن هن علائقي کي مرشد جي نسبت سان ياد ڪيو. اڳتي هلي چڱو شهر آباد ٿيو ۽ ڪجهه عرصو ڪاشاني بلوچن جي بيٺڪيت رهيو. ان دؤر ۾ هي شهر گهرو ويڙهه جـي پـڻ ور چـڙهيل رهيو، جنهن سـبـب هن شهر ۾ ڪيترو ئي جاني نقصان به ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو